سنگيت سنسار

سنگيت سنسار

سنگيت سنسار

سنگيت سنسار (ڪتاب): هي ڪتاب سنڌ جي ٻن ناميارن ليکڪن، موسيقيءَ ۽ آثارِ قديمه جي ڄاڻن سيد حاڪم علي شاهه بخاري ۽ محمد عثمان ميمڻ جو لکيل آهي. هن ڪتاب کي فرهنگ موسيقي به سڏيو ويو آهي. ڪتاب جي شروع ۾ ’ناشر نوٽ نامياري ليکڪ ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي اڳوڻي چيئرمئن عبدالقادر جوڻيجي جو لکيل آهي.ڪتاب جو مهاڳ ٻنهي ليکڪن گڏجي لکيو آهي، جڏهن ته ڪتاب سنڌ جي نامور شاعر استاد بخاريءَ کي ارپيو ويو آهي.
هن ڪتاب ۾ سنڌي ’الف- ب‘ جي ترتيب سان موسيقيءَ سان واڳيل شخصيتن، راڳن، سازن توڙي ڪتابن جي ڄاڻ ڏنل آهي.
ڪتاب جي آخر ۾ ضميمو، مددي وسيلن جو وچور، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي فنڪارن ۽ سازندن جو وچور ۽ انيسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي ميوزڪ لائبريريءَ ۾ موجود ريڪارڊنگس ۾ هر هڪ فنڪار جي ڪلام جو الف- ب وار وچور ڏنو ويو آهي.
هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ موسيقيءَ جي پهرين انسائيڪلوپيڊيا چئي سگهجي ٿو.
376 صفحن تي مشتمل، ڊبل ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب کي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ، حيدرآباد، 2008ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي، جڏهن ته ڪتاب جي قيمت 400 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو